دهشتگردن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو ذميوار هڪ سزا ماڻيندڙ ڏوهاري هو: رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي سينٽرل جيل مان ٻن دهشتگردن جي فرار ٿيڻ بابت جاچ رپورٽ ۾ جيل جي اندرين سيڪيورٽي صورتحال کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو آهي. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ سينٽرل جيل مان فرار ٿيل خطرناڪ دهشتگردن بابت رپورٽ گهرو کاتي کي جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو هو ته ٻئي دهشتگرد افغانستان فرار ٿي ويا آهن. سي ٽي ڊي جاچ بابت رپورٽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ سنگين انڪشاف ڪيا ويا هئا ته واقعي جي رات 11 وڳي جيل کي تالو لڳايو ويو، دهشتگردن جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو ذميوار هڪ سزا ماڻيندڙ ڏوهاري هو، ڏوهاري ارشد علي ڏوهاري نديم جي جاءِ تي محمد احمد عرف منا کي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪيا. رپورٽ موجب جيل انتظاميا ڏوهاري ارشد علي کي جيل ڪلرڪ ياسر علي جو اسسٽنٽ بڻائي رکيو هو ۽ فرار ٿيندڙ دهشتگرد شيخ محمد ممتاز کي وارڊن جي سيڪيورٽي جو ذميوار بڻايو ويو هو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سينٽرل جيل جي ٻاهرين سيڪيورٽي جا انتظام مناسب آهن پر اندرين سيڪيورٽي جي صورتحال الارمنگ آهي، عملي کي دهشتگردن جي وارڊ ۾ ويهڻ جي اجازت نه هئي، جڏهن ته دهشتگردن کي رڪارڊ روم ۽ حساس دستاويزن تائين رسائي هئي. رپورٽ موجب وارڊ نمبر 25 ۽ 26 ۾ قيد دهشتگرد ڪيترائي ڀيرا عملي کي تشدد جو نشانو بڻائي چڪا هئا پر دانهن باوجود بااثر قيدين خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي. سي ٽي ڊي رپورٽ ۾ سينيئر سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ جيل سميت 10 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سفارش ڪئي آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *