دنيا ۾ ڪٿي به ڪا جنگ محدود نه آهي پاڪ ڀارت جنگ ڪنهن جي به حق ۾ نه هونديو: خورشيد شاهه

سکر (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شآهه چيو اهي ته دنيا ۾ ڪٿي به ڪا جنگ محدود نه آهي پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ ڪنهن جي به حق ۾ نه هوندو. اهڙي عمل ذريعي ڀارت ڪنهن وڏي اينڊا تي عمل ڪري رهيو آهي برهمداغ کي پناهه ڏيڻ پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو ثبوت آهي سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته مودي سرڪار جهڙيون 10 طاقتون به اچي وڃن ته پاڪستان کي ڪوبه خوف نه آهي. جنگ ٿي ته اها ٿرڊ ورلڊ وار ۾ تبديل ٿي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم ڪشمير جو مسئلو موثر انداز ۾ اٿاريو پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو ذڪر به ڪرڻ گهرجي هن چيو ته آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ جي ضرورت نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *