دنيا ۾ هاڻي هٿيارن بدران بيانئي جي جنگ وڙهي پئي وڃي، جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط اوتري ان جي اھمت هوندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هن وقت دنيا ۾ هٿيارن بدران بيانئي جي جنگ وڙهي پئي وڃي جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط هوندو ان جي اوتري اهميت هوندي بيانئي جي ذريعي اسان پنهنجو موقف بهتر نموني سان پيش ڪري سگهون ٿا 2018 ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته رياستي ميڊيا جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ ڪم شروع ڪيو، هو سرڪاري نيوز ايجنسي جي ڊجيٽلائيزيشن رٿا تحت ڀرتي ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي تعارفي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو وفاقي وزير چيو ته هاڻي هٿيارن بدران ذريعن ۽ راءِ ذريعي جنگ وڙهي وڃي ٿي جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط هوندو اوتري ان جي اهميت هوندي هن چيو ته تاريخ مان خبر پوي ٿي ته جتي پئسو ۽ وسيلا هئا اتي قبضو ڪيو ويندو هو هندستان ۾ به ايئن ٿيو برطانيا جي ايسٽ انڊيا ڪمپني اچي هندستان تي قبضو ڪري ورتو. پوءِ ان ڪمپني کي واپس ورڻو پيو هن چيو ته ٻي جنگ عظيم ۾ لکين ماڻهو مارجي ويا هن جنگ کان پوءِ عالمي قانون ٺهيو دنيا جا اخلاقيات تبديل ٿي ويا هن چيوت ه هٿيارن جي زور تي وڙهي ويندڙ روايتي جنگ جي ڳالهه ڪريون ته آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري ڪجهه ڪلاڪن اندر اتي حڪومت ختم ڪري ڇڏي هئي. افغانستان جو سڄو ڪنٽرول آمريڪا جي هٿن ۾ هليو ويو هو پر هو طاقت جي زور تي پنهنجو مقصد حاصل نه ڪري سگهيو ڇو ته دنيا ۾ غلبو حاصل ڪرڻ جي وصف تبديل ڪئي وئي هئي. هٿيارن جي ذريعي جنگ کٽڻ بدران بيانيو هاوي ٿي ويو ۽ بيانئي جي جنگ ۾ آمريڪا کي شڪست ٿي ۽ آخرڪار ان کي افغانستان مان نڪرڻو پيو. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ پهريون ڀيرو ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن اسان اهڙو نظام جوڙڻ چاهيون ٿا جنهن سان شفافيت نظر اچي هن چيو ته مان 2016 کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊجيٽل ميڊيا جا معاملا ڏسي رهيو هيس سياسي پارٽي جي حيثيت سان پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ميڊيا کان گهڻو مضبوط هو هن چيو ته 2018 ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان رياستي ميڊيا کي ڊجيٽل شعبي ۾ مضبوط ڪرڻ وارو ڪم شروع ڪيو وفاقي وزير چيو ته 50 ۽ 60 جي ڏهاڪي ۽ ان جي ڊجيٽل دور جي صحافت ۾ گهڻو فرق آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *