دنيا ڄاڻي ٿي ته ڀارت پاڪستان ۾دهشتگردن جي مالي سرپرستي ۾ ملوث آهي: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان چيو آهي ته ممبئي ۾ جناح هائوس قائداعظم جي رهائشگاهه رهي آهي ڀارت جناح هائوس جي پاڪستاني ملڪيت ۽ اهميت جو خيال رکي والاريل ڪشمير ۾ تحريڪ آزادي دٻائڻ لاءِ ظلم جي بازار گرم آهي عالمي برادري ۽ گڏيل قومون ڀارت کي ڪشميرين جي قتل عام کان روڪي ڪلڀوشن جي پاڪستان ۾ موجودگي ۽ گرفتاري کان وڌيڪ ڀارتي مداخلتجو ٻيو ڪوبه ثبوت نٿو ٿي سگهي سي پيڪ سان ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي خميس تي پرڏيهي آفيس ۾ هفتيوار بريفنگ دوران ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته والاريل ڪشمير ۾ تحريڪ آزادي دٻائڻ لاءِ ظلم جي بازار گرم آهي ڀارتي فوج گذريل ڏينهن به 4 نوجوان ڪشميرين جو قتل ڪيو ڪشمير ۾ هڪ شهيد جي جنازي تي بارود جو استعمال ڪيو ويو شهادت جو انگ 150 ٿي ويو آهي هن چيو ته ممبئي ۾ جناح هائوس قائداعظم جي رهائشگاهه رهي آهي هن چيو ته ڀارت ۾ اتان جي هندو انتهاپسند تنظيمون دهشتگردي ڪري الزام ٻين جي مٿان مڙهي رهيون آهن افغان سرحد کي دهشتگردي جي موجب بڻجڻ کان روڪي سگهجي ٿو هن چيو ته دهشتگردي کي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو نفيس ذڪريا موجب 4 ملڪي گروپ مسئلو افغانستان ۽ مفاهمتي عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو هن چيو ته روس اپريل ۾ افغاني معاملي تي 6 ملڪي گروپ جو اجلاس گهرايو آهي ۽ پاڪستان به ان اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *