دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ڪشميرين جي حمايت کان نٿي روڪي سگهي: وزيراعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف هڪ دفعو ٻيهر چيو آهي ته اسان جو ايجنڊا ترقي ۽ خوشحالي آهي ڪجهه ماڻهو ترقي جي عمل کي پٽڙي تان لاهڻ چاهين ٿا منفي سياست ڪندڙ 2014 ۾ پنهنجي ڪوششن ۾ ناڪام ويا هن دفعي به هو بري طرح ناڪام ٿيندا دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ڪشميرين جي حمايت کان نٿي روڪي سگهي توانائي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٿر جي ڪوئلي جي ذريعي بجلي جي پيداوار لاءِ پاور پلانٽ لڳايا پيا وڃن 2018 تائين نيشنل گرڊ ۾ 10 هزار ميگاواٽ بجلي شامل ٿي ويندي 2018 ۾ ئي لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ٿي ويندي سي پيڪ منصوبي تحت 46 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي منصوبي جو سڀ کان وڏو فائدو بلوچستان کي پوندو اسلام آباد ۾ وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي مجلس عامه جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار وزيراعظم جو صلاحڪار سڌسماءَ وارو وفاقي وزير پرويز رشيد ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پنجاب جو وڏو وزير شهبازشريف حمزه شهبازشريف راجا ظفر الحق ۽ خرم دستگير به گڏ هئا وزيراعظم چيو ته ڀارت جي هي غلط فهمي آهي ته هو رياستي دهشتگردي ذريعي ڪشميرين جي تحريڪ آزادي کي ختم ڪري ڇڏيندو ڪشميرين کي انهن جي حق خوداراديت کان ڪوبه محروم نٿو ڪري سگهي ۽ پاڪستان کي دنيا جي ڪابه طاقت ڪشميرين جي حمايت کان نٿي روڪي سگهي وزيراعظم چيو ته برهان الدين واني جنهن کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز شهيد ڪيو هو جيڪو حريت پسند هو ۽ ان کان اهو فخر ڪوبه نٿو ڇني سگهي. وزيراعظم چيو ته جڏهن اقتدار سنڀاليو هو ته ملڪ کي تمام گهڻا مسئلا درپيش هئا دهشتگردي عروج تي هئي توانائي بحران سبب عوام پريشاني جو شڪار ۽ مايوس ٿي چڪو هو. جڏهن ته هاڻي ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر آهي. دهشتگردي جي خلاف آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو ان سبب دهشتگردي ۾ گهٽتائي ٿي آهي ڪراچي  ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت ۽ رضامندي سان آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ ڪراچي کي هڪ دفعو ٻيهر روشنين جو شهر بڻايو ويو. ڀاشا ڊيم جي اڏاوت لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي توانائي بحران جي ڪنٽرول لاءِ ٿر ڪوئلي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پاور پلانٽ لڳايا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته جمهوريت احتجاج جو حق ڏي ٿي پر انهن جون حدون هونديون آهن اهي منفي سياست ذريعي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا 2014 ۾ هو پنهنجي ڪوششن ۾ ناڪام ٿيا هئا ۽ هن دفعي به ناڪامي نصيب ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *