دنيا جي عظيم ليڊر شھيد محترمھ بينظير ڀٽو& کي وڇڙي 14 سال وھامي ويا، اڄ ورسي، انتظام مڪمل، جيالن جي آمد جاري

ڪراچي (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي اڄ سومر تي ملهائيويندي مرڪزي تعزيتي جلسو 3 وڳي منجهند ٿيندو پارٽي چيئرمين بلاول ڀتو زرداري، آصف زرداري سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه سميت مختلف اڳواڻ خطاب ڪري مستقبل جي سياسي لائحه عمل جو اعلان ڪندا ورسي جيمرڪزي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي کان پيپلزپارٽي جا قافلا بسن، ڪوچن، ٽرين جي ذريعي ڳڙهي خدابخش لاءِ روانا ٿي ويا. پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جو صدر، صوبائي اطلاعات ۽ محنت جو وزير سعيد غني، پيپلزپارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي پيپلز سيڪريٽريٽ مان مرڪزي قافلي کي ڳڙهي خدابخش لاءِ روانو ڪيو ڪراچي کان ڳڙهي خدابخش ويندڙ قافلن لاءِ پيپلزپارٽي لاءِ واٽر پمپ تي آجياڻي واري ڪئمپ لڳائي وئي آهي. پيپلزپارٽي ڪراچي جي ڊپٽي سيڪريٽري انفارميشن آصف خان مطابق ڪراچي جي سمورن ضلعن مان شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ڪافلا روانا ٿيا آهن اڳوني وزيراعطم محترمه بينظِر ڀٽو جي 14هين ورسي 27 ڊسمبر تي لاڙڪاڻو ڳڙهي خدابخش ۾ ملهائي ويندي بلاول ڀٽو زرداري آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي جا مرڪزي اڳاوڻ عام جلسي کي خطاب ڪندا شهيد بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي تي ڳڙهي خدابخش ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور سياسي طاقت جو مظاهروڪرڻ لاءِ پنڊال سجائي ورتو آهي صوبائي وزير سعيد غني جو چوڻ آهي ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ هڪ عام جلسي کي خطاب ۽ جاري حڪومت مخالف تحريڪ جي سلسلي ۾ پارٽي جي ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪندو ڪراچي سميت ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ به اڄ 27 ڊسمبر تي پيپلزپارٽي جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جنهن پ پ اڳواڻ خطاب ڪندا. تقريبن ۾محترمه بينظير ڀٽو جون ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت لاءِ ڏنل قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو جڏهن ته بينظير جي ياد ۾ شمع ٻاريون وينديون وڏي وزير مرادعلي شاهه اطلاعات ۽ محنت جو صوبائي وزير صدر پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن سعيد غني، جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري، سينيئر نائب صدر راجا رزاق نائب صدر مرزا مقبول ذوالفقار قائمخاني، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري آصف خان، شڪيل چوڌري، سمورن ضلعن جا ضلعي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن پيپلز يوٿ پيپلز ليبر بيورو جا صدر ۽ جنرل سيڪريٽري سميت پارٽي جا عهيدار به ڳڙهي خدابخش لاءِ روانو ٿي ويا صوبائي وزير سعيد غني جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري جوچوڻ آهي ته ڪراچي جي سمورن ضلعن مان وڏي انگ ۾ جيالا پنهنجي شهيد راڻي کي ڀٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدابخش روانا ٿيا آهن انک ان سواءِ پيپلزپارٽي جي شهيد قائد جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي اڳواڻن کان علاوه اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ پيپلزپارٽي جون اهم شخصيتون ڪراچي پهتيون آهن جيڪي ڳڙهي خدابخش لاءِ روانيون ٿينديون.  پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ۽ پارٽي چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته بينظير ڀٽو هڪ تحريڪ ۽ مشعل راهه آهي ۽ قوم ان جي قومي جذبي، ڊگهي جدوجهد ۽ مصبوط قيادت کي ڪڏهن به فراموش نه ڪندي پ پ چيئرمين شهيد بينظير جي 14هين شهادت ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو مثالي عالمي ليڊر هئي جنهن پاڪستان ۾ بهادري سان جمهوريت لا3 تاريخي جدوجهد ڪئي ۽ ملڪ کي باني وڏڙن جي فڪر ۽ ويزن جي روشني ۾ حقيقي فلاحي رياست بنائڻ لاءِ قدم کنيا چيئرمين بلاول ڀتو زرداري چيوت ه سهيد محترمه بينظير ڀٽو جو راولپنڊي ۾ قتل صرف عوام کي غربت، بيروزگاري ۽ ناانصافين کان نجات ڏيارڻ جي خواب جو قتل نه هو پر پوري قوم کي قتل ڪرڻ جي سازش هئي هن نشاندهي ڪندي چيو ته هن ناپاڪ سازش کي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جي نعري سان ناڪام ڪري ڇڏيو هو پ پ چيئرمين چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هماگير شخصيت جي مالڪ هئي جنهن هڪ عوامي اڳواڻ طور پاڪستان ۾ اتحاد ۽ ترقي پسند سوچ کي هٿي ڏني ۽ عوام جي سياسي ۽ معاشي حقن جي حفاظت ڪئي جڏهن ته وزيراعظم طور هن سخت مخالفت ۽ رنڊڪن جي باوجود ملڪ ۾ عوام دوست پاليسيون آنديون ۽ عوامي خدمت تي ٻڌل کوڙ سارا قدم کنيا ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي درست اميج کي به اجاگر ڪيو اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم پاران پنهنجي مادر وطن جي دفاع لاءِ ميزائيل ٽيڪنالوجي جو تحفو به هڪ فراموش نه ڪرڻ جوڳو تحفو آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو ڏينهن هي وچن ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان مان دهشتگردي۽ انتهاپسندي جو انت آڻينداسين ۽ جمهوريت کي مضبوط ۽ آئين ۽ پارليمان جي بالادستي ۽ معاشرتي برابري لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين ڇو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ان کان علاوه خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو ٻيو ڪوئي طريقو نٿو ٿي سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *