دل جي تڪليف آهي دعا ڪيو ته چاق ٿيان: ڊاڪٽر طاهر القادري

لاهور (بيورو) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته دل جي تڪليف آهي، گهُمي نه ٿو سگهان، دعا ڪيو ته چاق ٿيان، سڀ پروگرام مڪمل ۽ واعدا نڀائي وڃڻ گهران ٿو. عوامي تحريڪ جو سربراهه جو ڊاڪٽر طاهر القادري اوچتو بيمار ٿيڻ سبب گهمڻ ڦِرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي ته هو رڳو قوم سان ڪيل واعدا پاڙڻ لاءِ ڏيهه وريو آهي، سندس چوڻ آهي ته طبيعت سخت خراب هجڻ ڪري هو گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو آهي ۽ ڳالهائي به نه ٿو سگهي، کيس ڳالهائڻ ۾ به ڪمزوري ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر طاهر القادري جو چوڻ آهي ته سندس دل تي وڏو دٻاءُ ۽ کيس بلڊ پريشر آهي، ڊاڪٽرن کيس مڪمل طور تي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن هو آرام نه ڪندو ته سندس طبيعت ٺيڪ نه ٿيندي. هن چيو ته سندس صحت يابي لاءِ دعا ڪئي وڃي ته جيئن هو چاق ٿي قوم سان ڪيل واعد پاڙي ۽ پروگرام نڀائي سگهي. هن چيو ته ڊاڪٽرن سندس دوا به تبديل ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *