دلچسپ مقابلي کانپوءِ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 3 رنسن تان هارائي ڇڏيو

شارجا (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ميچ ۾ پشاور زلمي دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪراچي ڪنگز کي 3 رنسن تان هارائي ڇڏيو.پشاور زلمي پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ڪراچي ڪنگز کي 183 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو،جنهن جي پويان ڀڄندي ڪراچي ڪنگز شروعات ۾ مشڪلاتن جو شڪار رهي ۽ 6 وڪيٽون 48 رنسن تي وڃائي ويٺي.نعمان انور 14 ڪپتان شعيب ملڪ 8، لينڊل سيمئلز 9 ،جڏهن ته عماد وسيم به بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو.48 رنسن تي 6 وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ ائين لڳي رهيو هو ته ڪراچي ڪنگز 100 رنسن تي ڍير ٿي ويندي،پرجيمز وينس ۽ روي بوپارا مشڪل وقت ۾ ٽيم کي اچي سنڀاليو ۽ 61 رنسن جي ڀائيواري جوڙي.جيمز وينز کي 44 رنسن تي شان ٽيٽ بولڊ ڪيو،جنهن کانپووءِ سهيل تنوير وڪيٽ تي آيو ۽ 17 بالن تي 23 رسنون ٺاهي وهاب رياض جي بال تي بولڊ آئوٽ ٿي ويو.پر روي بوپارا 33 بالن تي 67 رنسون ٺاهي آخري اوور ۾ آئوٽ ٿي ويو،جنهن کانپوءِ ٽيم کي رڳو 5 رنسون گهربل هيون جيڪي نه جُڙي سگهيون.پشاور زلمي پاران وهاب رياض 2، شان ٽيٽ،محمد اصغر،شاهد آفريدي ۽ ڊيرن سيمي هڪ، هڪ وڪيٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *