آءِ سي سي پاڪستان سميت 8 مستقبل ميمبرن کي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي جي اسڪواڊ ۾ 8 ڦير ڦار جي اجازت ڏئي ڇڏي

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي پاڪستان سميت 8 مستقل ميمبرن کي ورلڊ ٽي ٽوئنٽي لاءِ اعلان ڪيل اسڪواڊ ۾ 8 مارچ تائين ڦير ڦار جي اجازت ڏئي ڇڏي، آءِ سي سي ترجمان خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته

ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ شامل اهي ٽيمون جيڪي سڌي طرح ٻئي مرحلي ۾ کيڏنديون اهي 8 مارچ تائين پنهنجي مرضي سان اسڪواڊ ۾ تبديلي آڻي سگهن ٿيون آءِ سي سي موجب اسڪواڊ ۾ تبديلي ڪنهن به سبب جي ڪري ٿي سگهندي پر ڇو ته اها ٽيڪنيڪي بنياد هجي يا ميڊيڪل بنياد تي جنهن لاءِ اجازت وٺڻ ضروري ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *