دفاعي نمائش ڪراچي سميت صوبي لاءِ اعزاز آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (م.ڊ/اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي اڄ 55 ملڪن مان آيل مهمان دفاعي نمائش ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن، اسان سڀ گڏجي ڪراچيءَ کي پرامن بڻائڻ چاهيون ٿا، آئيڊياز 2016ع جو ٿيڻ ڪراچيءَ جي عوام ۽ سڄي صوبي جي لاءِ اعزاز آهي، آئيڊياز 2016ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻاهران آيل معزز مهمانن جي سڪيورٽيءَ جي ڪري ڪجھه ٽريفڪ جا مسئلا ٿيندا، ٽريفڪ ڏکيائين تي عوام جي سهڪار گھرجي ته هيءُ اوهان جو اعزاز آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ آئيڊياز 2016ع تحت عالمي دفاعي نمائش جو ٿيڻ قابل فخر ۽ تحسين لائق آهي. هن چيو ته ڪراچي شهر تي قومي ۽ عالمي ادارن جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ان لاءِ سموري صوبي خاص طور تي ڪراچي جا شهري واڌاين جا مستحق آهن. هن اها ڳالهه اولڊ ٽرمنل ڪراچي تي وزيراعظم نواز شريف جي آجيان جي موقعي تي ڪئي. هن چيو ته ڪراچي جا ماڻهو گذريل ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردن جي حملن ۽ امن امان جي بدتر حالتن کي منهن ڏئي رهيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ سيڙپڪار پري ٿي رهيا هئا ۽ شهر جو اهم انفرا اسٽريڪچر مڪمل طور تي زبون حاليءَ جو شڪار هو. هن چيو ته سياسي ۽ دفاعي قيادت جي گڏيل ڏاهپ ۽ صوبي ۾ پيپلز پارٽي جي سياسي عزم ۽ عوام جي ڀرپور سهڪار سان قانون جي خلاف ڀڃڪري ڪندڙ ۽ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بنيادن تي سخت ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويو. هن چيو ته آپريشن جا حوصلي وڌائڻ وارا نتيجا سامهون آيا آهن ۽ اڄ هر هڪ قومي ۽ عالمي ادارن هن شهر تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ هتي منقعده نمائشن، پروگرامن شرڪت لاءِ اچڻ شروع ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري به ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهو هڪ حوصلي وڌائيندڙ ڳالهه آهي جنهن لاءِ مان پنهنجي شهر جي ماڻهن کي سهڪار ڪرڻ تي واڌيون ڏيان ٿو ۽ هن ڪامياب آپريشن  ڪرڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته هن شهر جي انفرا اسٽريڪچر کي ترقي ڏيڻ جي ڪم جو عمل شروع ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ڪجهه ڪم شروع ڪيا ويا آهن ۽ ڪجهه شروع ٿيڻا آهن. هن چيو ته ڊسمبر جي آخر کان ڪچرو کڻڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته هڪ چائينز ڪمپني کي ڪچرو گڏ ڪري ان کي گاربيج ٽرانسفر اسٽيشن ۾ اڇلائڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي فور بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم جو به آغا ٿي چڪو آهي ۽ اميد آهي ته ان سان جلد ئي شهر کي پاڻي جي سپلاءِ شروع ٿي ويندي. هن چيو ته مان صنعتي شعبي جي گهرجن مطابق پاڻيءَ جي فراهمي لاءِ جدا انتظام ڪري رهيو آهيان. انهيءَ کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف جو اولڊ ٽرمينل تي آجيان ڪئي ۽ ان سان گڏ ايڪسپو ۾ منعقد ڪيل آئيڊياز 2016ع ڊفينس ايگزيبيشن ۾ شرڪت ڪئي. اتي هن آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان پڻ ملاقات ڪئي. وزيراعظم دفاعي نمائش جو باضابطا طور تي افتتاح ڪيو ۽ ان کانپوءِ هر هڪ اسٽال جو دورو ڪيو ۽ ڊسپلي ۾ رکيل هٿيارن ۽ گولا بارود کي ڏٺو. ان بعد وڏي وزير وزيراعظم نواز شريف سان گڏ سائوٿ سٽي اسپتال ۾ گورنر سنڌ جسٽس رٽائرڊ سعيد الزمان صديقي جي عيادت ڪئي ۽ سندس خيرئت دريافت ڪئي. ان بعد وزيراعظم سان گڏ اولڊ ٽرمينل تي ويا ۽ اتي کين الوداع ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *