دشمن کي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ملندو، ملڪ جو دفاع هر قيمت يقيني بڻائينداسين : آرمي چيف

رسالپور (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي اڳواڻ جنرل راحيل شريف چيو ته ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جو ڪردار کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو پر ان جا ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين پاڪ هوائي فوج جو پيشاورانه صلاحيتن ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي دشمن جي ڪنهن به جارحيت يا اسٽريجڪ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي جنهن جو عالمي برادري نوٽيس وٺي دهشتگردي عالمي چئلينج آهي ان جو مقابلو ڪيو ويو آهي ۽ ڪنداسين خميس تي پي اي ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ ڪيڊٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ سان خطاب دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ هوائي فوج جو پيشاورانه صلاحيتن ۾ ڪوبه مقابلو نٿو ڪري سگهي هٿياربند فوج اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين وطن جي بچاءَ لاءِ هر حد تائين وينداسين. پاڪستان جي خوشحالي جا دشمن نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي انفرااسٽريڪچر کي پاڙان ڪڍي ڪامياب ٿيا آهيون ڀارتي جنون سڀني جي اڳيان آهي ڀارت دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي ڪردار کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو. آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ پرامن ملڪ آهي پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان دوستانه لاڳاپن جي پاليسي اختيار ڪرڻ چاهي ٿو دهشتگردي عالمي چئلينج آهي ان جو مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪنداسين. آرمي چيف جنرل راحيل شريف گريجوئيٽ ڪيڊٽس کي برانچ بيج لڳايا ۽ اعزاز ورهايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *