دستي جي مقرري رد، اي ڊي خواجه عهدو سنڀالي ورتو، سنڌ حڪومت پاران عدالت وڃڻ جو اعلان

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ الله ڏنو خواجا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ پنهنجي عهدي کي ٻيهر سنڀالي ورتو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان سردار عبدالمجيد دستي کي وقتي آءِ جي مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ کان پوءِ اي ڊي خواجا سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ ٻيهر پنهنجي عهدي جونذميواريون سنڀالي ورتيون، ان موقعي تي سي پي او آفيس ۾ مقرر عملي ۽ آفيسرن ان جي آجيان ڪئي، ٻئي طرف سردار عبدالمجيد دستي ٻيهر پنهنجي پراڻي عهدي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، پر هو سي پي او آفيس مان اي ڊي خواجا جي ڪرسي به پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي، ياد رهي ته ۳ ڏينهن اڳ اي ڊي خواجا کي هٽائي سردار عبدالمجيد دستي کي ان جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو هو، سنڌ حڪومت جي اهڙي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ رد ڪندي اي ڊي خواجا کي ٻيهر پنهنجي عهدي جي چارج ڏني وئي آهي. ٻئي طرف  سنڌ حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سنڌ جي آءِ جي الله ڏني خواجا جي مقرر واري فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت سنڌ هاءِ جي فيصلي کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪنداسين. هن چيو ته فيصلي خلاف اپيل جو حق آئين ڏيندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *