دبنگ اسٽار سلمان خان ممبئي حملن ۾ ڏوهي قرار ڏنل يعقوب ميمڻ جي ڦاهي روڪڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان ممبئي حملن ۾ ڏوهي قرار ڏنل يعقوب ميمڻ جي ڦاهي روڪڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.ڀارتي ميڊيا رپورٽ مطابق سلمان خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي 1993ع ۾ ممبئي ۾ ٿيندڙ لاڳيتن ڌماڪن جي الزام هيٺ گرفتار يعقوب ميمڻ جي ڦاهي روڪڻ جي اپيل ڪئي آهي، جنهن کي 30 جولاءِ تي ڦاهي ڏني ويندي، ڏوهاري جو ڀاءُ ٽائيگر ميمڻ به مفرور آهي.سلمان خان پنهنجي بيان ۾ ڀڄي ويل ڏوهاري يعقوب ميمڻ جي ڀاءُ ٽائيگر ميمڻ کي ڳولڻ لاءِ چيو هو ۽ پاڪستاني وزيراعظم نوازشريف کي به درخواست ڪئي ته جيڪڏهن ٽائيگر سندن ملڪ ۾ آهي ته ٻڌايو وڃي. سلمان خان چيو ته هڪ بي ڏوهي کي ڦاهي ڏيڻ پوري انسانيت جو قتل آهي، پر بعد ۾ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد کانپوءِ  سلمان خان  پنهنجي پيءُ سليم خان جي چوڻ تي پنهنجي ٽوئيٽر نياپي کي هٽائي ڇڏيو ۽ پنهنجي هڪ ٻئي بيان ۾ سلمان خان چيو ته  هو نٿو ڄاڻي ته يعقوب ميمڻ بي ڏوهي آهي يا نه پر هو ججن جي فيصلي کان به مطمئن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *