دبئي: ايم ڪيو ايم جو حماد صديقي ۽ عزير بلوچ پاڪستان حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دبئي اختيارين ايم ڪيو ايم جي اليڪشن سيل جي اڳوڻي انچارج حماد صديقي ۽ عزير بلوچ کي پاڪستاني جانچ ادارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٻنهي جوابدارن کي اڄ رات پاڪستان آندو ويندو. واضح رهي ته عذير بلوچ کي دبئي ۾ انٽرپول پوليس گرفتار ڪيو هو جڏهن ته حماد صديقي کي ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. حماد صديقي ۽ عزير بلوچ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سنگين ڏوهن ۾ گهربل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *