دادو ويجهو ڪنواري ماءِ گناهه لڪائڻ لاءِ تازي ڄاول نياڻي کي روڊ تي اڇلائي ڇڏيو

دادو(ڊ.ر) دادو ويجهو ڪنواري ماءِ گناهه لڪائڻ لاءِ تازي ڄاول نياڻي کي روڊ تي اڇلائي ڇڏيو دادو ڳوٺ نبي بخش سولنگي ڀرسان روڊ تي نامعلوم ماڻهن وونئڻن جي فصل ۾ تازي ڄاول معموم نينگر ڇڏي فرار ٿي ويا نينگر جي ڪيهاٽن تي صبح سوير مزوري لاءِ دادو شهر طرف وڃي رهيو هيس، ته روڊ تان گذرندي نينگر جو رڙيون هيون، پورهيت علي اصغر سولنگي نينگر کي جنگلي جانورن ۽ ڪتن کان معصومنينگر کي بچائي پنهنجي ڳوٺ نبي بخش سولنگي ۾ پنهنجي گهر کڻي ويو پورهيت علي اصغر سولنگي ميڊيا کي ٻڌايو ته ڳاڙهي ڪپڙي ۾ تازي ڄاول نينگر هئي جنهن کي گهر کڻي آيو آهيان، مان مزوري ڪري پنهنجو پنهنجي گهرواري ۽ ٻن نياڻين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان هٿ آيل نينگري کي به پنهنجي ٻن نياڻين جيان نياڻي سمجهي نپائيندس دادو ڀرسان زمين ۾ پيل معصوم نيگري جنهن کي نوجوان اصغر سولنگي کڻي پنهنجي گهر ۾ پرورش ڪري رهيو آهي هاڻي الله پاڪ کيس ٽين نياڻي ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *