دادو جا 3 شاگرد دوست درياهه سنڌ ۾ ٻڏي ويا،2 سئوٽ  فوت، هڪ نوجوان کي غوطا خورن بچائي ورتو

دادو(رپورٽ: محمد رفيق چنه) دادو- مورو لنڪ روڊ ڀرسان پوليس اسٽيشن جهلو جي حد ۾ ڪچي جي علائقي ۾ درياهه جي ٻوڏ جي پاڻي جي ننڍن تلائن ۾ وهنجندڙ دادو شهر جا 3 نوجوان ٻڏي ويا، مقامي ٽوٻن جي مدد سان هڪ ڄڻي کي بچايو ويو جڏهن ته 2 نوجوان پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ ارسلان پٽ اعجاز سولنگي ۽ نادر علي پٽ عبدالرحمان سولنگي شامل آهن، جڏهن ته هڪ نوجوان مهتاب ملاح کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پاڻي مان زندهه ڪڍيو ويو جنهن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو آھي، ٻي طرف فوتي نوجوان جيڪي دادو شھر جي پاڙي ڳوٺ آدم خان سولنگي جا رهواسي ٻڌايا وڃن پيا، فوتي نوجوانن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارث سندن مڙهه گهرن ڏانهن کڻائي ويا، هن افسوسناڪ واقعي تي پوري علائقي ۾ سوڳ جي لهر فوتين جي گهرن ۾ ڪهرام متل جڏهن ته ٻوڏ جي پاڻي سان ڀرجي ويل ڍنڍن، تلائن ۽ واهن ۾ روزانو سوين نوجوان دادو شهر سميت آس پاس کان اچي وهنجن ٿا ۽ انهن کي ڪو به روڪڻ وارو ناهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ايس ايس پي دادو کي گهرجي ته درياهه جي پاڻي ۾ وهنجن تي پابندي لڳائي انساني جانيون بچائڻ لاءِ قانوني تحرڪ ورتو وڃي، جيڪڏهن ضلعي انتظاميه جي اهڙي ڪوشش ورتل هجي ها ته اهڙو سانحو پيش نه اچي ها.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *