خيرپور ڀرسان اڳوڻي ڀيڻيوي هٿان سالي قتل، مزاحمت تي اڳوڻي سسُ ۽ سالو زخمي

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) خيرپور ڀرسان جوابدار ڌيءُ نه ڏيڻ تان اڳوڻي سالي کي قتل ڪري ڇڏيو، مزاحمت تي اڳوڻي سسُ ۽ سالي کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. ڳوٺ چيجاپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان جوابدار دوست علي کوسو طلاق ڏنل زال وٽ ترسيل ڌيءُ کي وٺڻ ويو ته انڪار ڪرڻ تان کيس زبردستي وٺي وڄڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدار اڳوڻي سالي 30 ورهين جي روبينا زال نذير کوسو کي چاقو هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ناري جي ماءُ مسمات وزيران کوسو ۽ ڀاءُ زاهد کوسو زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو. واضح رهي ته جوابدار ڪجهه عرصو اڳ زال وحيده کوسو کي طلاق ڏني هئي، کين هڪ ڌيءُ جو اولاد هو، جنهن جي حوالگي وارو معاملو عدالت تائين ويو ته عدالت ڌيءُ کي والده حوالي ڪري ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *