خيرپور واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ملوث اصل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پير صاحب پاڳاري کي سنجيده ۽ ذميوار شخصيت سمجهون ٿا ان ڪري هو خيرپور واقعي تي غير جمهوري رويو اختيار نه ڪندو ۽ اميد آهي ته هو پنهنجي جماعت جي اجلاس ۾ خيرپور واقعي تي بدلو وٺڻ جي عمل کي به غور هيٺ نه آڻيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ پلڊاٽ پاران اطلاع تائين رسائي واري قانون بابت ڪوٺايل سيمينار کي خطاب ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته خيرپور واقعي تي جاچ ڪاميٽي ڪم ڪري رهي آهي ۽ جاچ ڪاميٽي جي سربراهي ڪندڙ آفيسر تي عوام جو پڻ اعتماد آهي جڏهن ته عدالتي ڪميشن پڻ جاچ ڪندي. هن چيو ته خيرپور واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي ۾ ملوث اصل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج کي اسٽينڊ باءِ رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي لکيو ويندو. هن چيو ته چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ رينجرز پولنگ اسٽيشنن جي حدن ۾ پيٽرولنگ تي مقرر هئي جڏهن ته هاڻي رينجرز کي حساس پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ڪيو ويندو ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس سان گڏ ريپڊ ريسپانس فورس پڻ مقرر هوندي.  ان کان اڳ اطلاعات تائين رسائي واري قانون بابت ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته ان قانون جو ڊرافٽ تيار ڪري ڪابينا کي اُماڻيو ويو آهي جنهن جي منظوريءَ کان پوءِ اهو بل جي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته اطلاعات تائين رسائي واري اهو قانون هڪ بهترين ۽ موثر قانون آهي جيڪو خيبرپختونخواه ۽ پنجاب حڪومت طرفان تيار ڪيل قانون ۽ وفاقي حڪومت طرفان تياري هيٺ قانون کان ڪنهن به صورت ۾ گھٽ نه آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان تيار ڪيل اهو قانون سرڪار جي مڙني معاملن کي صاف ۽ شفاف رکڻ جو هڪ جامع دستاويز آهي هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هتان جي عوام کي ڳالهائڻ جي حق کان محروم رکيو ويو، جمهوريت لاءِ جدوجھد ڪندڙ سياستدانن کي بدنام ڪيو ويو ۽ صحافت کي سخت قسم جي سينسرشپ جو نشانو بڻايو ويو هن چيو ته اهو اعزاز پاڪستان جي ٻن مقبول سياسي جماعتن کي حاصل آهي جنهن پهريون ڀيرو عوام کي پنهنجي راءِ جي اظهار جو حق ڏنو ۽ 18 هين ترميم ۾ اطلاعات تائين رسائي کي شهرين جي بنيادي حق طور تسليم ڪيو ويو. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي عوام جي حقن خاص ڪري سماج جي ڪمزور طبقن جھڙوڪ عورتن، ٻارن ۽ اقليتي برداري جي حقن جي تحفظ لاءِ قابل تعريف قانون تيار ڪيا آهن هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي سيٽلائيٽ ٽي وي چينلس تان سڌي طرح نشر ٿيڻ، سوالن ۽ جوابن جي وقفي ۽ صحافين جي موجودگي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جون گڏجاڻيون ٿيڻ سان سرڪاري معاملا صاف ۽ شفاف رکڻ ۾ تمام گھڻي مدد ملي آهي، سيمينار کي ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي، ريحان هاشمي کانسواءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جي انفارميشن ڪمشنرن ۽ پلڊاٽ جي جوائن ڊائريڪٽر آسيه رياض ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *