خيرپور ناٿن شاهه لڳ گاڏهي ۽ شاهاڻي برادرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا قتل

خيرپور ناٿن شاهه (ڊ.ر) خيرپور ناٿن شاهه؛ ڪاڇي جي ڳوٺ سالاري ۾ پراڻي زميني تڪرار تان گاڏهي ۽ شاهاڻي برادرين ۾ خوني جهيڙو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا قتل، تفصيل موجب؛ خيرپور ناٿن شاهه جي ڪاڇي جي علائقي سالاري ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ سالاري ۾ پراڻي زميني تڪرار تان گاڏهي ۽ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين وچ ۾ انڌاڌنڌ فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو عبدالڪريم شاهاڻي ۽ 30 ورهين جو حاجي شاهاڻي موقعي تي قتل ٿي ويا اطلاع ملڻ تي سالاري ۽ ڪي اين شاهه جي پوليس ٻئي لاش کڻائي تعلقه اسپتال پهچايا جتي لاشن جي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي بعد ٻئي لاش وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته ٻي ڌر گاڏهي برادري جي زخمي ڄاڻايل علي ڏنو گاڏهي بابت فوت ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن خوني جهيڙي بعد ڳوٺ سالاري ۾ ٻئي ڌريون مورچا بند بڻيل آهن، علائقو نوگو ايريا بڻيل آهي، علائقي ۾ خوف و حراس ڇانيل آهي ۽ جهيڙي واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته پوليس پاران ڪي خاص انتظام نه وٺڻ سبب وڌيڪ صورتحال خراب ٿيڻ جا امڪان آهن، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *