خيرپور: مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا 6 ڄڻا زخمي

خيرپو (ڊ.ر) مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڳوٺ ڪليري  ۾ وڏي عمر جي شخص خودڪشي ڪري ڇڏي،  فيض بنڊو ۾ نوجوان ناراض ٿي زهر پي ڇڏيو، ڪنڌرا ۾ ڀاءُ جي هٿان وڏي ڀاءُ جو قتل، حادثن ۾ ٻه مارجي ويا، ٻار گهر ۾ سڙي ويو، خبر موجب  گمبٽ ويجهو ڳوٺ ڪليري ۾ 65 سالن جي محمد پيرل ولد حاجي ميران ڪليري  بيماري ۽ حالات کان تنگ اچي پسٽولجا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس لاش تحويل ۾  وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ۽ پوسٽ مارٽم  کان پوءِ لاش وارثن  حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب واقعو خودڪشي ئي لڳي ٿو، وڌيڪ ميڊيڪل  رپورٽ ۽ پوسٽ مارٽم  اچڻ تي صورتحال واضع ٿيندي، خيرپور جي ڪچي واري علائقي فيض بنڊو ٿاڻي جي حد ڪي ٽي پير پاڳارا ۾ 18 سالن جي ٽيڪم ولد چترال ڪولهي  دڙڪا  ملڻ تي مايوس ٿي زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال خيرپور آندو ويو، جتان ان جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، خيرپور ويجهو ڪنڌرا  ۾ جوابدار سنتوش  ڪمار رقم جي تڪرار  تي پنهنجي وڏي ڀاءُ 35 سالن جي ڪرشن چند کي چاڪن  جا وار ڪري  سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو روهڙي جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، وارثن اسپتال جي عملي تي لاپرواهي جو الزام لڳايو آهي، گمبٽ بائي پاس سوڪ سينٽر ۽ پپري موڙ قومي شاهراه  تي 3 حادثن  ۾ موٽر سائيڪل سوار 23 سالن  جي سڌير ولد ليمو جوڳي ۽ 60 سالن جو سڀاگو خان  جوڻيجو مارجي ويو، جڏهن ته غلام مصطفيٰ چانڊيو، رياض احمد اڄڻ، ۽ غلام حيدر چنا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، حادثي جو شڪار ماڻهن جو تعلق گمبٽ جي مختلف علائقن سان ٻڌايو پيو وڃي،  خيرپور ويجهو داري ڳوٺ ۾ ٽن سالن جو ٻار اياز علي ولد شاهد حسين شاهه گهر ۾ اٻرندڙ چانهن  جسم تي ڪرڻ سان بري طرح سڙي ويو، جنهن کي سول اسپتال خيرپور آندو ويو، ڊاڪٽرن موجب جسم جو 25 سيڪڙو متاثر ٿيو آهي، گمبٽ جي ڳوٺ گلوراهن ۾ پراڻي تڪرار تي فائرنگ ڪري اوشاق ڪلهوڙو کي سخت زخمي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *