خيرپور لڳ هيانءُ ڏاريندڙ واقعو، 60 ماڻهو اجل جو شڪار، قيامت صغريٰ جا منظر

خيرپور (ڊ ر)خيرپور ڀرسان خوفناڪ حادثو، مسافر ڪوچ ۽ ٽريلر ۾ آمهون سامهون ٽڪر، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت 60 مسافر فوت، ويهن کان وڌيڪ زخمي، اسپتال داخل، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو، سوڳ ۾ ٺيڙهي شهر ۽ ڀرپاسي جا علائقا بند. تفصيل مطابق خيرپور ڀرسان قومي شاهراهه ٺيڙهي باءِ پاس تي اڱاري ڏينهن اسر ڌاران سوات کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي گاڏيون تباهه ٿي ويون ۽ مسافر ڪوچ کي باهه لڳي ويئي. ٻنهي گاڏين جي ٽڪر سبب حادثي وقت زوردار ڌماڪو ٿيو. جنهن جو آواز ٻڌي ڀرپاسي جا سوين ڳوٺاڻا حادثي واري هنڌ پهچي ويا ۽ پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس جي وڏي انگ، موٽر وي پوليس اهلڪارن الخدمت فائونڊيشن جي رضاڪارن، ايدهي جي رضاڪارن ٻين ڳوٺاڻن جي مدد سان حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور ۽ سول اسپتال سکر ڏانهن اماڻيو ويو. حادثي ۾ ڪوچ ڊرائيور حيدر علي، ٽرالر ڊرائيور جميل احمد ۽ مسافر سوات ۽ ڀرپاسي جا رهواسي مسمات شبنم زال راشد 35 ساله، مسمات شبانه بيگم ڌيءَ محمد صديق 8 ساله، مسمات ذاهدان زال فيروز 40 ساله، مسمات حضرت بيبي 35 ساله، مسمات انيلا 35 ساله، مسمات امان بيبي 10 ساله، مسمات سلميٰ، مسمات صاحبزادي، مسمات اميرزادي، نعمان 10 ساله، نور وحيد، محمد يونس، محمد سميع، محمد يونس 18 ساله، عبدالودود 35 ساله، نيڪ محمد، ناصر علي 35 ساله، وقاص ولد احسان 5 ساله، سهراب ولد مير جان، اڪبر زاده ولد شير زاده، صاحبزاده ولد شيرين زاده 35 ساله، مذمل ولد شاه رخ، ناهيد خان ولد شيرين خان مير ياور، تشڪيل احمد، آدم شير، محمد نعمان، يونس، آدم شير سميت 57 مسافر فوت ٿي ويا. جڏهن ته ويهن کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پيئي وڃي. حادثي جي اطلاع تي سکر، خيرپور ۽ ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري حادثي واري هنڌ ايمبولينس اماڻيون ويون جن پڻ حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۽ زخمين کي ڀرپاسي جي اسپتالن ۾ پهچائيو ۽ فائر برگيڊ جون ڏاڏيون اماڻي باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو. وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ، ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي، ايس ايس پي خيرپور ناصر آفتاب ۽ ٻين عملدارن حادثي واري هنڌ جو معائنو ڪيو ۽ اسپتالن ۾ پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ فوتين جي لاشن کي وارثن تائين پهچائڻ ۽ طبي امداد جي ڪمن جي نگراني ڪئي.حادثي جي اطلاع تي خيرپور شهر توڙي ٺيڙهي، ٻٻرلوءِ، ڪرم آباد، پير مڱيو، وارث ڳنڀير ۽ ٻين علائقن ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانئجي ويئي.سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي ڀرپور طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وڏي وزير ڊي آءِ جــِي سکر کي هدايت ڪئي آهي ته حادثي جي جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. صدر ممنون حسين، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، ايم اين اي نواب وساڻ ۽ ٻين پڻ ٺيڙهي حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *