خيرپور سانحي جي عدالتي جاچ ڪرائي ويندي، سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو: نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي اطلاعات ۽ تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙي سومر ڏينهن ڪراچيءَ جي سائوٿ سٽي اسپتال ۾ داخل پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پارليمينٽيرين جي صدر مخدوم امين فهيم جي عيادت ڪئي ۽ سندس صحت ۽ علاج بابت معلومات حاصل ڪئي. اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار احمد کهڙو چيو ته مخدوم امين فهيم پيپلز پارٽيءَ جي طاقت آهي، اسان جي دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جلد صحت عطا فرمائي. هن چيو ته خيرپور واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي پئي وڃي ۽ جاچ کانپوءِ سڀ ڪجهه سامهون اچي ويندو. هن چيو ته چونڊ واري ڏينهن تي هٿيار کڻي هلڻ تي قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود ڪير هٿيار کڻي آيا ان بابت پڻ جاچ ۾ سڀ ڪجهه سامهون ايندو. هن چيو ته خيرپور واقعي تي افسوس آهي ۽ اهڙو واقعو نه ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته حڪومت پاران سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي پر چونڊ ضابطن ۽ قانون جي خلاف ورزي ٿي جنهن ڪري اهڙو واقعو پيش آيو. هن چيو ته انساني جان قيمتي هوندي آهي ۽ جيڪي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن انهن تي افسوس آهي ۽  اهي اسان جي سنڌ جا ئي ماڻهو آهن. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ سيڪيورٽي جا وڌيڪ بهتر انتظام ڪيا ويندا. هن چيو ته 8 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن دوران خيرپور کانسواءِ ڪٿي به ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو جڏهن ته مبصرن پڻ شفاف چونڊون ٿيڻ جي رپورٽ ڏني آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ تي مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جا الزام  هڻندڙن جو منهن ڀت سان لڳي ويو آهي ۽ جيڪي وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا هئا انهن کي شڪست ملي آهي. هن چيو ته جيڪي پيپلز پارٽيءَ کان کٽي نه ٿا سگهن اهي ئي ڌانڌلين جا الزام هڻي رهيا آهن، پيپلز پارٽي هر هنڌ آهي ۽ رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *