خيبر پختون خواهه جي برسات متاثرن لاءِ اڄ 2 ڪروڙ رپين جو امدادي سامان اماڻيو ويندو:سنڌ سرڪار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران ڪي پي ڪي جَي برسات متاثرن لاءِ اڄ 2 ڪروڙ رپين جو امدادي سامان اماڻيو پيو وڃي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جَي برسات متاثرن جِي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪي پي ڪي ۾ برسات سبب ٿيل جاني ۽ مالي  نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. سندس چوڻ هو ته برسات متاثرن لاءِ شروعاتي طور 2 ڪروڙ رپين جو امدادي سامان اڄ ڪي پي ڪي اماڻيو پيو وڃي. قائم علي شاهه چيو ته ڏکئي وقت ۾ هو ڪي پي ڪي جي ڀائرن سان گڏ آهن، سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. وڏي وزير طوفاني برساتن ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ گهري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *