خيبر ايجنسي ۾ فورسز جي ڪارروائي، 5 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نري بابا جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ انهن جا 5 ٺڪاڻا پڻ تباهه ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز خيبرايجنسي جي علائقي نري بابا ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي پڻ تباهه ڪيو ويو ياد رهي ته 3 ڏينهن پهريان خيبر ايجنسي جي علائقي جهانسي قلعه ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو هو، ان کان هڪ ڏينهن پهريان به خيبرايجنسي جي علائقي باڙه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 14 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *