خيبر ايجنسي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهاز جي بمباري، 16 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهاز ذريعي بمباري جي نتيجي ۾ 16 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن 5 ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب، جيٽ جهازن ذريعي خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو ويو. ذريعن موجب، بمباري جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊر سميت 16 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا. بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 5 ٺڪاڻا پڻ تباهه ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *