خيبر ايجنسي ۾ جيٽ جهازن جي بمباري، وڌيڪ 8 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسيءَ ۾ پاڪ فوج جي جيٽ جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. پاڪ فوج جو خيبر ايجنسي ۾ دهشتگردن خلاف خيبر ون آپريشن ڪاميابي سان جاري آهي. سڪيورٽي ذريعن موجب تيره ماٿري ۾ دهشتگردن جي ٿاڪن تي جيٽ جهازن ذريعي بمباري ڪئي وئي،جنهن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا. سڪيورٽي ذريعن موجب بمباري ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ به تباهه ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن پڻ خيبر ايجنسي جي تيره ماٿري ۾ جيٽ جهازن جي بمباري ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڍ هٿيارن ۽ بارود جا 2 ذخيرا تباهه ٿي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *