خيبر ايجنسي ۽ اورڪزئي ايجنسي ۾ فورسز جي ڪارروائي، 24 ويڙهاڪ مارجي ويا

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي ۽ اورڪزئي ايجنسي جي علائقن ۾ جهڙپن ۽ فورسز جي ڪارروائي ۾ 24 ويڙهاڪ مارجي ويا، 11 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، 6 اهلڪار به زخمي ٿي پيا، باجوڙ ايجنسي ۾ بم ڌماڪي ۾ 2 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا، تيمر گرا ۾ 3 سئو ڪلو ڌماڪي دار مواد ناڪام بڻايو ويو. خيبر ايجنسي جي تيرا وادي جي اڪا خيل علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ جهڙپ ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا، ڪيترائي دهشتگرد فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي طرف اورڪزئي ايجنسي ۾ فورسز دهشتگردن جو چيڪ پوسٽ تي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا. باجوڙ ايجنسي ۾ بم ڌماڪي ۾ 2 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور خار اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن لوئر دير جي علائقي تيمر گرا ۾ 3 سئو ڪلو ڌماڪي دار مواد ناڪام بڻايو ويو، سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي دار مواد روڊ ڪناري لڳايو ويو هيو، ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو. خيبر ايجنسيءَ ۾ آپريشن خيبر ون ڪاميابيءَ سان جاري آهي، آپريشن جي شروعات کان هن وقت تائين هم ڪمانڊرن سميت هڪ سئو 35 دهشتگرد ماريا ويا ۽ اڍائي سئو جي لڳ ڀڳ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو. عسڪري ذريعن موجب خيبر ايجنسي ۾ جاري آپريشن خيبر ون ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. آپريشن جي شروعات کان هن وقت تائين سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ اهم ڪمانڊرن سميت هڪ سئو 35 دهشتگرد مارجي ويا ۽ سندن ڪيترائي ٿاڪ به تباهه ٿي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب خيبر ايجنسي ۾ دهشتگردن خلاف گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي. آپريشن جي شروعات کان هن وقت تائين 250 دهشتگردن جي لڳ ڀڳ دهشتگردن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *