خيبر ايجنسي مان 8 دهشتگردن جا لاش مليا، علائقي ۾ خوف

خيبرايجنسي (م.ڊ) خيبرايجنسي ۾ 8 دهشتگردن جون لاشون مليون آهن جنهن سان علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي هنگو ۾ دڪان مان نصب بارودي مواد جي ڌماڪي سان 3 دڪان تباهه ٿي ويا ذريعن موجب خيبر ايجنسي جي تحصيل باڙه ۽ ارڪزئي ايجنسي جي سرحدي علائقي اڪاخيل جي ويجهو 8 دهشتگردن جون لاشون مليون آهن تمام ماڻهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي انهن جو تعلق ڪالعدم لشڪر اسلام سان آهي. لاشن کي سيڪيورٽي فورسز جمرود بلويز سينٽر ۾ منتقل ڪيو ويو پوليٽيڪل انتظاميه جي اهلڪار ٻڌايو ته لاشون تيره ۾ اورڪزئي ايجنسي جي سرحد ويجهو اڪاخيل ۾ پيون هيون جن جون عمرون 28 کان 40 سالن جي وچ ۾ ٻڌايون وڃن ٿيون. گذريل ڏينهن به اڪاخيل ۾ 50 کان 60 دهشتگردن سيڪيورٽِ فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو جوابي ڪارروائي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *