خيبر ايجنسي: فورسز جي ڪارروائي ۽ ڊرون حملو، 19 دهشتگرد ماجي ويا

ڪابل/خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي جي علائقي وادي تيره ۾ سڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي جي نتيجي ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 6 ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا. خيبر ايجنسي جي وادي تيره واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز جيٽ جهازن جي بمباري ذريعي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بمباري جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊر سميت 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ دهشتگردن جا 6 ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا. ٻئي طرف افغان سرحدي علائقي نازيان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا، افغان سيڪيورٽي اختيارين مطابق خيبرايجنسي سان لاڳاپيل علائقي نازيان ۾ آمريڪي ڊرون جهازن دهشتگردن جي 2 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 9 دهشتگرد مارجي ويا مارجي ويلن ۾ پابندي ۾مڙهيل لشڪر اسلام جي امير منگل باغ جي ڊرائيور سميت 7 اهم ڪمانڊر به شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *