خيبر ايجنسي جي مختلف علائقن ۾جيٽ جهازن جي بمباري، 7 دهشتگرد مارجي ويا، ٺڪاڻا تباهه

خيبر ايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته بمباري ۾ دهشتگردن جي 7 ٿاڪن کي به تباهه ڪيو ويو.ذريعن موجب، خيبر ايجنسي جي ٿيرا ماٿري جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز   دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن جي ذريعي بمباري ڪري ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته بمباري جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد شامل آهن. فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ دهشتگرد پڻ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته دهشتگردن جي 7 ٿاڪن کي پڻ تباهه ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *