خيبرپختونخوا پولنگ اسٽيشنز مان فارم 15 گم ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو) چونڊ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڙيل جاچ ڪميشن ۾ رڪارڊ پيش ڪيو ويو، جنهن مطابق خيبرپختونوا مان ڪامياب تحريڪ انصاف جا ميمبر قومي اسيمبلي جي تڪ ۾ پولنگ اسٽيشنز جا فارم 15 غاب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبر مجاهد علي جي تڪ 11۾ 95 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز مان فارم 15 نه مليو آهي. 251 پولنگ اسٽيشنز ۾ 247 ۾ فارم15 نه ملي سگهي. اهڙي طرح 98 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز مان فارم 15 نه مليا آهن.شاهه محمود قريشي جي تڪ  150 ۾ 46 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز جا فارم 15 نه ملي سگهيا. 286 ۾ 133 پولنگ اسٽيشنز جا فارم 15 گم آهن. خيل زمان جي تڪ اين اي16 مان 60پولنگ اسٽيشنز جا فارم 15 گم آهن،انجئينر داوڙ خان جي تڪ اين اي 25 ۾ رڳو 30 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز جا فارم 15 مليا آهن، ۽ 308 مان 216 پولنگ اسٽيشنز مان فارم 15 گم ٿيڻ جا انڪشاف ٿيا آهن. اميرالله جي تڪ اين اي27 جا 254 مان 59 مان فارم 15 نه ملي سگهيا آهن، مراد سعيد جي تڪ 29 مان 45 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنز مان فارم 15 مليا آهن جڏهن ته 321 مان 162 پولنگ اسٽيشنز جا فارم 15 گم آهن. پي ٽي آئي جي ايم اين اي سليم رحمان جي تڪ 30 جي 296 پولنگ اسٽيشن مان 251 مان فارم 15 ناهن مليا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *