خيبرپختونخواهه ۾ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ آسان نه آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هلندڙ سال کي هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊن جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ آسان نه آهي پر سموريون پارٽيون ڌانڌلي جو چئي رهيون آهن ته هـُو ٻيهر چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته عام چونڊن دوران هڪ ڪروڙ واڌو بيلٽ پيپر ڇاپيا ويا، چونڊن ۾ ڌانڌلين جا ثبوت ٿيلهن ۾ موجود آهن. هن چيو ته انڪوائري ڪميشن جي ڪارروائي ذريعي سڀ حقيقتون سامهون اچي رهيون آهن، سندس خيال آهي ته پنجاب ۾ مڪاني چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ ٻيهر چونڊون ٿينديون. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ واڌ اچي رهي آهي، منڊي بهاءُ الدين جي ننڍي چونڊ دوران پي ٽي آءِ ميمبرز اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ مليا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته گلگت بلتستان ۾ چونڊن کان اڳ ن ليگ اڳ ئي پنهنجا امپائر مقرر ڪري ڇڏيا هئا، هڪ وفاقي وزير کي گلگت جو گورنر مقرر  ڪري چونڊن کان اڳ منظم ڌانڌلي جي تياري ڪئي وئي. تحريڪ انصاف جي سربراهه وڌيڪ چيو ته ن ليگ وارن اڄ تائين ڪو به ڪم شفاف طريقي سان ناهي ڪيو، شريف ڀائر هميشه امپائر گڏ بيهاري پوءِ کيڏندا آهن. ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊن بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته هن ڪڏهن ناهي چيو ته ٻيهر اليڪشن آسان ڪم آهي پر  سڀ پارٽيون چئي رهيون آهن ته مڪاني چونڊن دوران بدنظمي ٿي ۽ ڌانڌلي ڪئي وئي، ان ڪري رِي پولنگ لاءِ تيار آهيون. عمران خان دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن ٻيهر مڪاني چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف کي پهريان کان وڌيڪ ووٽ ملندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *