خيبرپختونخواهه ۾ فوج جي نگراني هيٺ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيان: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته هـُو خيبرپختونخواهه ۾فوج جي نگراني هيٺ ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهن، ڪي پي ڪي حڪومت کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙن 2013 جي عام چونڊن ۾ نواز شريف کان استعيفيٰ ڇو نه ورتي هئي.؟ اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين واري معاملي تي سڀاڻي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي وئي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سڀ پارٽيونچون ٿيون مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي ته هو ٻيهر فوج جي نگراني هيٺ چونڊ ڪرائڻ ۽ ڪو به تڪ کولڻ لاءِ تيار آهن. عمران خان چيو ته ڪـَي پـِي ڪـَي ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي استيعفيٰ طلب ڪندڙ منافق پارٽيون آهن، جي يو آءِ، پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون ۾ ڳٺ جوڙ آهي. تحريڪ انصاف جي سربراهه وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت کان استعيفيٰ گهرندڙ ٻڌائين ته ڇا انهن 2013 واري چونڊن ۾ ڌانڌلي تي نواز شريف کان استعيفيٰ طلب ڪئي هئي. هن چيو ته آصف علي زرداري سميت سڀني تسليم ڪيو هو ته 2013 واري اليڪشن آر آوز جي هئي، جڏهن تحريڪ انصاف احتجاج شروع ڪيو ۽ نواز شريف کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو ته سڀ وڃي نواز شريف سان گڏ ٿي ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس غير سياسي آهي، پنجاب پوليس گلو بٽن تي ٻڌل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *