خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ اتحاد

پشاور (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جماعت اسلامي خيبرپختونخواهه ۾ جون ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊون هڪ ئي پليٽفارم تان وڙهڻ  جو فيصلو ڪيو آهي، پشاور ۾ جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبي ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ٻئي پارٽيون بلدياتي ڇونڊن ۾ هڪ ئي پليٽفارم تان حصو وٺنديون، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف طرفان خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ شاهه فرمان جڏهن ته جماعت اسلامي طرفان صوبائي وزير عنايت الله ۽ پروفيسر ابراهيم شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *