خيبرايجنسي ۾ پاڪ فضائيه جي بمباري، 30 دهشتگرد مارجي ويا

خيبرايجنسي (م.ڊ) پاڪ فضائيه جي جيٽ جهازن جي وادي تيراهه ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي  بمباري جي نتيجي ۾ 30 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته هٿيارن جا 2 ذخيرا به تباهه ٿي ويا، پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فضائيه جي جيٽ جهازن دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي خيبرايجنسي جي علائقي وادي تيراهه ۾ بمباري جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هوائي ڪارروائي ۾ دهشتگردن جا هٿيارن ۽ بارود جا 2 ذخيرا به تباهه ٿيا، سيڪيورٽي ذريعن مطابق مارجي ويل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل لشڪر اسلام جو ترجمان صلاح الدين ايوبي به شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *