خيبرايجنسي ۾ امن لشڪر جي چوڪي ڀرسان ڌماڪو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي

خيبرايجنسي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وادي تيره ۾ امن لشڪر جي چوڪي جي ڀرسان ڌماڪي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا. خيبرايجنسي جي وادي تيراه جي علائقي نري بابا ۾ امن لشڪر جي چوڪي جي ڀرسان ڌماڪي ۾ 3 رضاڪار موقعي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته 5 زخمي ٿي پيا. لاشن ۽ زخمين جي ڀرپاسي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي. واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري علائقي جو گهيرو ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *