خورشيد شاهه ڪي پي ڪي ۾ مڪاني چونڊون ٻيهر ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته خيبرپختونوا جي مڪاني چونڊن ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ٿي تنهن ڪري ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته ثابت ٿي ويو ته جيڪو حڪومت ۾ هوندو آهي اهو اخلاقيات وساري ويهندو آهي. هن چيو ته اسان ڌانڌلي سٽيل اليڪشن  کي نٿا مڃون، تنهن ڪري عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. خپرشيد شاهه چيو ته پيرا ملٽري فورسز جي نگراني ۾ چونڊون ٻيهر ٽن مرحلن ۾ ڪرايون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *