خورشيد شاهه پنهنجي ڀاءُ کي انجنيئرنگ ڪائونسل جو چيئرمين ڀرتي ڪرايو، عدالت گهرائي ته ثبوت ڏيندس: راڻا تنوير

اسلام آباد (بيورو) دفاعي پيداور جي وفاقي وزير راڻا تنوير الزام لڳايو آهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه پنهنجارابطا  ۽ واسطا استعمال ڪري پنهنجي ڀاءُ کي انجنئيرنگ ڪائونسل جو چئيرمين ڀرتي ڪرايو هو،هن دعويٰ ڪئي ته خورشيد شاهه پنهنجي ڀاءُ جي نوڪري واري مدي ۾ واڌ لاءِ مون  کي درخواست به ڪئي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا تنوير چيو ته نوڪري واري مدي ۾ واڌ جي سفارش اثرائتي نه ٿي ته خورشيد شاهه پنهنجي ڀاءُ کي منهنجي آفيس وٺي آيو ۽ منٿون ڪندو رهيو.سندس چوڻ هو ته جڏهن مون خورشيد شاهه جي ڀاءُ جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ  کان معذرت ڪئي ته منهنجي خلاف دانهن گهڻو پري تائين وئي.سندس چوڻ هو ته خورشيد شاهه اسيمبلي وڃي يا عدالت،سندس ڪردار تي پهرين شاهدي مان ڏيندس،جيڪڏهن عدالت گهرايو ته ثبوت کڻي ويندس.واضع هجي ته ڪالهه چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس تي ردِ عمل ڏيندي خورشيد شاهه چيو هو ته هن حڪومت سان پنهنجي ڪٽنب،ڀائرن يا دوستن لاءِ ڪا به سفارش ناهي ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪو اهو ثابت ڪري وٺي ته هو سياست ڇڏي ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *