خورشيد شاهه پاران عمران خان جي الزامن خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان طرفان مٿس هنيل الزامن خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان ڪيترائي ڀيرا مٿس ڪرپشن جا الزام هنيا آهن پر اڃان تائين ڪوبه ثابت ڪري نه سگهيو آهي، مون کيس ان سلسلي ۾ هڪ نوٽيس به اماڻيو هو پر هن اڃان تائين ان جو جواب نه ڏنو آهي هن چيو ته نوٽيس جو مدو ختم ٿيڻ ۾ اڃان ٻه ڏينهن رهيل آهن جنهن کانپوءِ به عمران جواب نه ڏنو ته هو ان خلاف عدالت ۾ ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *