خورشيد شاهه جي 500 ارب کان وڌيڪ اثاثن جو انڪشاف، نيب اڪائونٽس، بنا نالي پراپرٽيز جو تفصيل حاصل ڪري ورتا

ڪراچي (اين اين آءِ) پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه جي 500 ارب کان وڌيڪ اثاثن جو انڪشاف ٿيو آهي نيب خورشيد ساهه جا اڪائونٽس، بنا نالي پراپرٽيز جو تفصيل حاصل ڪري ورتو آهي تفصيل موجب نيب خورشيد شاهه جي خلاف اهم ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن جنهن ۾ خورشيد شاهه جا 500 ارب کان وڌيڪ اثاثا هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي ذريعن موجب خورشيد شاهه ۽ گهرڀاتين جا ڪراچي سکر ۽ ٻين علائقن ۾ 105 بئنڪ اڪائونٽس آهن خورشيد شاهه پنهنجي فرنٽ مئن پهلاج مل جي نالي تي 83 پراپرٽيون ٺاهيون آهن دستاويز موجب پراپرٽيز سکر، روهڙي ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ ٺاهيون ويون آهن پهلاج راءِ گليمر بنگلو، جوڻيجو فلور مل، مڪيش فلور مل ۽ پراپرٽيز ٺاهيون مبينه فرنٽ مين پهلاج 2015 کان اڳ ڪائي ٽيڪس ادا ناهي ڪئي نيب دستاويز ۾ ٻڌايو ويو ته خورشيد شاهه جو مبينه فرنٽ مين پهلاج معمولي دڪان هلائيندو هو فرنٽ مين لڏو مل جي نالي تي 11 ۽ آفتاب حسين سومرو جي نالي تي 10 پراپرٽيز آهن دستاويز موجب خورشيد شاهه اعجاز پلهه جي نالي تي سکر ۽ روهڙي ۾ ٻه پراپرٽيون ٺاهيون مبينه فرنٽ مين جي لاءِ ڪارڊيو اسپتال سان لڳ ڏيڍ ايڪڙ نرسري الاٽ ڪرائي نيب ذريعن موجب خورشيد شاهه جي بنا نالي پراپرٽيز ۾ عمر جان نالي شخص جو به اهم ڪردار آهي پ پ پ اڳواڻ جي استعمال هيٺ بم پروف گاڏي عمر جان جي نالي تي رجسٽرڊ آهي جڏهن ته اسلام آباد ۾ خورشيد شاهه جو استعمال هيٺ گهر عمر جان جي نالي تي آهي جڏهن ته سکر ۽ ٻين علائقن ۾ ترقياتي منصوبا عمر جان جي ڪمپني کي ڏياريا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *