خورشيد شاهه جو پاڪ چين اقتصادي راهداري تبديل ڪرڻ تي خدشن جو اظهار، وزير اعظم کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جـَي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، پاڪ – چين اقتصادي راهداري تبديل ڪرڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم کان،نوٽيس وٺڻ ۽ اصل روٽ بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه وزيراعظم ميان نواز شريف کي خط لکي پاڪ – چين اقتصادي راهداري تبديل ڪرڻ بابت پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. خط ۾ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري تبديل ڪرڻ جو نوٽيس ورتو وڃي. مخالف  ڌر جي اڳواڻ، وزيراعظم کان اهو به مطالبو ڪيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري جي عملدارن کي اصل روٽ بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *