خورشيد شاهه جو سراج الحق ۽ شاهه محمود قريشي سان فون تي رابطو، جاچ ڪميشن جوڙڻ تي ڳالهيون

اسلام آباد  (اين اين آءِ) اپوزيشن اڳواڻ خورشيد شاهه سراج الحق ۽ شاهه محمود قريشي سان فون تي رابطو ڪيو ۽ جاچ ڪميشن جوڙڻ تي ڳالهيون ڪيون سراج الحق اپوزيشن پاران پانامه ليڪس جي معاملي تي سپريم ڪورٽ کي خط لکڻ جي تجويز ڏني خورشيد شاهه ۽ سراج الحق وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطي ۾ ملڪي صورتحال ۽ پانامه ليڪس جو معاملو غور هيٺ آيو خورشيد شاهه سان ڳالهائيندي سراج الحق تجويز ڏني ته حڪومت وانگر اپوزيشن به سپريم ڪورٽ کي خط لکي ۽ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وڃي ته هو پانامه ليڪس جي جاچ ڪري سراج الحق چيو ته سپريم ڪورٽ تي قوم کي اعتماد آهي ۽ اها ئي مسئلي جو حل ڪڍي سگهي ٿي خورشيد شاهه شاهه محمود قريشي کي فون ڪري حڪومتي فيصلي تي اعتماد ۾ ورتو خورشيد شاهه شاهه محمود قريشي کي ٻڌايو ته حڪومت جاچ ڪميشن لاءِ چيف جسٽس کي خط لکڻ لاءِ تيار آهي شاهه محمود قريشي خورشيد شاهه تي واضح ڪري ڇڏيو ته پي ٽي آءِ پهريان خط جو متن ڏسندي ان کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو شاهه محمود قريشي چيو ته اپوزيشن پارٽيون مختلف وڪيلن سان رابطا ڪري رهيون آهن جڏهن ته حڪومت پاران خط لکڻ کان پوءِ اپوزيشن جماعتون خط جي متن جو جائزو وٺنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *