خواجا آصف وڏا انڪشاف ڪيا آهن، ان ڪيمره بريفنگ ڏني وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته بچاءَ واري وزير اڄ انڪشاف ڪيا آهن، بچاءَ واري وزير جي بيان تي ان ڪيمرا بريفنگ ڏني وڃي، هن چيو ته نشاندهي ڪرڻي پوندي، ڪير دهشتگرد آهي ۽ ڪير دهشتگردن جو سهولتڪار آهي، سيد خورشيد شاهه چيو ته ملڪ حالت جنگ ۾ آهي، ان ڪيمره بريفنگ ڏني وڃي، پرامن پاڪستان اسان سڀني جو خواب آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀارت اسان جو ازلي دشمن آهي، ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ تائين حالتون ايئن ئي رهنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *