خطي ۾ ٿيندڙ اڳرائي کان غافل نٿا رهي سگهون، پاڪ فوج هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: وزير اعظم/آرمي چيف

بهاولپور (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کان غافل نٿا رهي سگهون قومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو پاڪستان جا دشمن ترقي جي ڪنهن به منصوبي کي قومي اتحاد ۽ معاشي استحڪام کي برداشت نٿا ڪري سگهن چين پاڪستان اقتصادي راهداري مڪمل طور تي فعال ٿيڻ واري آهي دهشتگردن جو ايجنڊا پاڪستان کي غير مستحڪم ڪندو ڪوئي به ملڪ پنهنجي خودمختياري تي ٿيندڙ اهڙي طرح جي حملن کي برداشت نٿو ڪري سگهي پاڪستاني قوم ۽ هٿياربند فوج گڏجي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪاميابي سان ناڪام بڻائي رهيا آهن ڪشمير مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ جي بنياد جو سبب آهي مسئلي جو مخلصانه ۽ گڏيل حل ڪشميرين جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن کي مدنظر رکندي ڪڍڻ گهرجي اربع تي وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف بهاولپور جي ويجهو خيرپور ٽامي والي ۾ ٿيندڙ فوجي مشقن جو معائنو ڪيو اهي مشقون پاڪستان جي بري ۽ هوائي فوج گڏيل طور تي انجام ڏنيون جنهن دوران ڀرپور دفاعي صلاحيتن جو مظآهرو ڪيو ويو وزيراعظم نوازشريف کي ان مشقن جو مقصد ۽ حدفن جي حوالي سان بريفنگ به ڏني ويئي جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم نوازشريف کي سووينئر به پيش ڪيو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جو بچاءُ ڪنداسين رعدلبرڪ جو مشاهدو ڪري وڏي خوشي ٿي هن چيو ته پاڪستان ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي عمل پيرا آهي ۽ اهو توقع ڪري ٿو ته ڪوئي ملڪ ان جي داخل ٿيندڙ معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو ته جيئن خطي ۾ پراڻي امن جو قيام ممڪن ٿي سگهي هن چيو ته مشقون ان ڳالهه جو مظهر آهن ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن به جارحيت سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي تعاون جو بهترين مظهر آهي. سي پيڪ جي تحت سمورن منصوبن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائي پئي وڃي. نوازشريف چيو ته دهشتگردي خلاف ڪارروائي ۾ پهريان کان وڌيڪ پرعزم آهيون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجو ڪردار بخوبي ادا ڪري رهيا آهيون وزيراعظم مشقن جي معائني لاءِ دعوت تي آرمي چيف جا ٿورا مڃيا وزيراعظم چيو ته مشقون ان ڳالهه جو مظهر آهن ته پاڪستان جي هٿياربند فوج قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري کان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

ٻئي طرف  آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته رعدالبرق مشقن سان ثابت ٿي ويو آهي ته اسان دشمن کان غافل نه آهيون ۽ هٿياربند فوج جي تيارين سان ڪنهن کي به اسان ڏي ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿيندي، نجي ٽي وي موجب خيرپور ٽاميوالي ۾ ٿيندڙ مشقن ۾ حصو وٺندڙ جوانن سان گڏ آرمي چيف جنرل راحيل شريف مليو، آرمي چيف جوانن سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي ۽ انهن جي عزم ۽ جذبي کي ساراهيو، آرمي چيف کي پنهنجي وچ ۾ ڏسي جوانن جو جوش وڌي ويو ۽ پرجوش نعرا هنيا. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين کي مضبوط ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ نسلن کي بهتر ۽ محفوظ پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *