خطي ۾ پاڪستان جي تيزي سان ٿيندڙ ترقي دنيا تسليم پئي ڪري: پرويز رشيد

پلندري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ڪراچي کان مظفرآباد تائين هڪ ئي جهنڊو لهرائيندو جيڪو پاڪستان مسلم ليگ ن) جو سبز هلالي جهنڊو هوندو، اڄ دنيا تسليم ڪري رهي آهي ته پاڪستان خطي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) عوام جي خدمت ڪري رهي آهي اهڙي طرح ان جو نمائندو آزاد ڪشمير جي عوام جي خدمت ڪندو جيڪي خوشيون، امن ۽ اميد ڪراچي ۽ بلوچستان جي عوام کي مليون اهي ڪشمير جي عوام کي به ملنديون، ڪشمير جي آزادي جي لاءِ ڪشميرين لازوال قربانيون ڏنيون، شهيدن جي رت ۽ غازين سان عهد ڪريونٿا ته انهن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ پنهنجي ڏکويل ڀينرن ڀائرن کي هڪ ڪرڻ جي لاءِ جنهن موٽروي ٺاهي اهو ئي ان جو رستو ڪڍندو جنهن سان ڪشمير جي ٻنهي طرفن جا وڇڙيل خاندان هڪ ٿيندا، وزيراعظم نواز شريف نه رڳو ڪشمير جي وڇڙيل خاندانن کي ملائيندو پر خطي ۾ خوشحالي پڻ آڻيندو. ڪالهه سومر ڏينهن هتي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪنوينشن ۾ عوام جو وڏو انگ ڏسي ائين لڳي ٿو ته پورو پلندري مسلم ليگ (ن) جو شهر بڻجي چڪو آهي، توهان جي ان محبت کي ڏسي اڳيان وينداسين، راولاڪوٽ، باغ ۽ مظفرآباد وينداسين. هن چيو ته آزاد ڪشمير جو سج لهڻ وارو آهي، جتي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ايندي، ڪارڪنن جي محبت سان پارٽي کي نئين طاقت ملندي. هن چيو ته ڀمڀر مان جيڪو قافلو شروع ٿيو اهو ميرپور، ڪوٽلي ۽ پلندري پهتو، پوءِ مظفرآباد پهچندو، مظفرآباد جي عوام آزاد ڪشمير جي حڪمرانن کي ڪوهالا جي هن پار پهچائيندي ڇو ته آزاد ڪشمير حڪومت جو صدر ۽ وزيراعظم اسلام آباد ۾ نظر اچن ٿا، انهن کي ڪشمير جي شهرن ۾ نه ٿو ڏٺو وڃي. هن چيو ته پلندري جي عوام آزاد ڪشمير جي حڪمرانن جي مظفرآباد کان اسلام آباد جي لاءِ ٽڪيٽ ڪاٽي ڇڏي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير حڪومت کي 300 ارب رپيا ترقياتي خرچن جي لاءِ ڏنا، جيڪڏهن هر ضلعي تي 30 ارب رپيا خرچ ٿين ها ته ڪشمير تمام گهڻو ترقي يافته بڻجي وڃي ها. پر آزاد ڪشمير حڪومت ترقياتي فنڊ عوام جي ترقي ۽ انفراسٽرڪچر جي لاءِ خرچ نه ڪيا، هاڻي ان پئسي جي حساب جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير حڪومت جي ڪوشش هئي ته 2011ع وانگر 2016ع جي چونڊن کي به چوري ڪيو وڃي ان هوندي به آزاد ڪشمير جي عدليه انهن جي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي عوام ۽ يوٿ ونگ جي ذميواري آهي ته هو ان فيصلي کي تبديل ٿيڻ نه ڏين. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سازش ڪئي پئي وڃي ته اسيمبلي جو مدو جيڪو رمضان کان اڳ ختم ٿي رهيو آهي، ان کان 5 سالن لاءِ پنهنجو نئون صدر چونڊرايو وڃي. هن چيو ته هڪ اهڙي اسيمبلي جيڪا پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ واري آهي اها ايندڙ 5 سالن جي لاءِ نئون صدر ڪيئن چونڊي سگهي ٿي. هن چيو ته ويندڙ صدر 5 سال ڇا پر 5 ڏينهن جي لاءِ به ميمبر نه ٿو چونڊجي سگهجي جنهن ڪو سٺو ڪم نه ڪيو، چوندن ۾ سندس ضمانت ضبط ٿي ويندي. هن چيو ته ايندڙ صدر کي موجوده اسيمبلي مان چونڊرائڻ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني قدم هوندو. هن چيو ته اسان وفاق ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ڏٺي ۽ ڪشمير ۾ به، نه وفاق ۾ عوام کي ڪو سک مليو ۽ نه ڪشميرين کي سک مليو. پيپلزپارٽي جي حڪومت ڏک ئي ڏنا، هاڻي وفاق ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آهي، آزاد ڪشمير ۾ به (ن) ليگ جي حڪومت ٺهندي، ڪراچي کان مظفرآباد تائين هر طرف سبز هلالي جهنڊو لهرائيندو. هن چيو ته نواز شريف جي حڪومت پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي آڻي ڇڏيو آهي. اڄ دنيا چوي ٿي ته پاڪستان خطي ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. نواز شريف جو نمائندو مظفرآباد ۾ حڪومت سنڀاليندو، ڪشمير جي ماڻهن کي اهي خوشيون، سڪون ۽ چين ملندو جيڪو بلوچستان ۽ ڪراچي کي واپس ڪيو ويو آهي. اها ئي اميد ۽ سڪون مظفرآباد، ڪوٽلي، ميرپور، ڀمڀر، باغ ۽ پلندري کي واپس ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جا ڀائر ڀينر ڪشمير جي ٻئي پاسي آهن انهن کي پنهنجي پيارن سان ملايو ويندو. ورڇ ٿيل خاندانن کي اهڙي طرح هڪ ڪيو ويندو جهڙي طرح وزيراعظم نواز شريف موٽروي ذريعي پاڪستان کي هڪ ڪيو آهي. اسان جو قائد ٻنهي طرفن جي ڪشميرين کي متحد ڪندو. هن چيو ته شينهن تي ٺپي جو مطلب ترقي ۽ خوشحالي آهي ۽ وڇڙيل خاندانن کي پاڻ ۾ ملائڻ آهي. ايندڙ چونڊن ۾ عوام جو فيصلو انهن ٻنهي منزلن کي ملائيندو. هن چيو ته پلندري ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد نواز شريف جي واعدي کي پورو ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *