خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ خلاف آهيون،حڪومت معيشت کي مستحڪم بنائڻ لاءِ پر عزم آهي: نواز شريف

ڪراچي (اين اين آءِ) وزيراعظم ميان نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ هٿيارن جي ڊور جي خلاف آهي ۽ ان جي مخالفت ڪري ٿو اسان جو سامان صرف امن جي لاءِ آهي اسان جون دفاعي مصنوعات اسٽيٽ آف دي آرٽ  آهن پاڪستان دفاعي پيداوار ۾ تيزي سان اڀرندڙ ملڪ آهي جنهن جو چٽو ثبوت عالمي سطحي تي آئيڊياز جو نمايان مقام حاصل ڪرڻ آهي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي ٿي آهي پاڪستان ۾ اڄ پرڏيهي سرمايو گڏيل منصوبو ۽ تجارت جا وسيع موقعا موجود آهن لڪ ۾ وياج جي شرح به گهٽ سطح تي آهي سمورن سيڙپڪارن کي دعوت ڏيان ٿو ته پاڪستان جي سمورن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن حڪومت ان کي سازگار ماحول سان گڏوگڏ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي ملڪ جي گڏيل پيداوار 4.71 سيڪڙو ٿي ويئي آهي جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين حڪومت معيشت کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ پرعزم آهي عالمي مالياتي ادارن ۾ پاڪستان جي درجه بندي بهتر ٿي آهي حڪومت جي موثر پاليسي جي نتيجي ۾ توانائي جي فراهمي ۾ به اضافو ٿيو آهي گذريل هڪ سال کان صنعتي شعبي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ٿي رهي آهي 2018 تائين توانائي بحران تي مڪمل ڪنٽرول ڪنداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ نائين بين الاقوامي نمائش 2016 جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو افتتاحي تقريب جي آغاز ۾ قومي ترانو وڄايو ويو افتتاحي تقريب ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جا اڳواڻ سنڌ جو وڏو وزير مرادعلي شاهه دفاعي پيداوار وارو وزير رانا تنوير حسين خواجه آصف به گڏ هئا. تقريب کي وفاقي وزير رانا تنوير حسين ڊي جي ڊفينس ميجر جنرل آغا مسعود اڪرم ۽ ٻين به خطاب ڪيو وزيراعظم نوازشريف پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته تقريب ۾ شرڪت ڪري خوشي محسوس ٿي رهي آهي دعوت ڏيڻ تي انتظام ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان آئيڊياز 2016 دفاعي صنعت جي نمايان ڪاميابين جو ثبوت آهي. هن چيو ته دفاعي نمائش جي ڪامياب انعقاد تي سمورن واسطيدارن ۽ ماڻهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو نمائش ۾ پرڏيهي وفد جي وڏي انگ ۾ شرڪت حوصله افزا آهي پاڪستان ۾ منافعي بخش سيڙپڪارن جا وسيع موقعا موجود آهن وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ 16 سالن ۾ پهريون ڀيرو گهٽ شرح وياج جو اعلان ڪيو اسان جي جي ڊي پي ايندڙ سال 5 سيڪڙو مان وڌڻ جو امڪان آهي وزيراعظم کان اڳ رانا تنوير چيو ته آئيڊياز 2016 جو سلوگن هٿيار براءِ امن آهي رانا تنوير حسين چيو ته موجوده حڪومت کي دفاعي صنعت کي هٿي ملي وزيراعظم جي اڳواڻي ۽ تعاون تي ٿورائتو آهيان ميجر جنرل آغا مسعود افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ چيو ته آئيڊياز خطي جي وڏن نمائشن ۾ شامل آهي نمائش ۾ 418 نمائنده شرڪت ڪري رهيا آهن. هلندڙ سال نمائش ۾ 14 معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جو امڪان آهي آئيڊياز 2014 ۾ 2 ايم او يوز تي صحيحون ٿيون هيون ان کانپ وءِ وزيراعظم نوازشريف جڏهن ايڪسپور سينٽر پهتو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم جو آجياڻو ڪيو ايئرپورٽ تي سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم جو آجياڻو ڪيو نوازشريف ۽ سيد مرادعلي شاهه هڪ ئي گاڏي ۾ ايڪسپو سينٽر پهتا. خيال رهي ته دفاعي نمائش آئيڊياز 2016 حڪومت پاڪستان جي تعاون سان ڊفينس ايڪپو رٽ پروموشن آرگنائيزيشن منعقد ڪري رهي اهي نمائش ۾ 43 ملڪن مان 90 وفد شرڪت ڪندا. جڏهن ته 261 پرڏيهي ۽ 157 پاڪستاني هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنيون پنهنجي مصنوعات پيش ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *