خطي جي ترقي، خوشحالي لاءِ سارڪ کي فعال بڻائڻ ضروري آهي: وزيراعظم

مالي (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو عوام مالديپ جي عوام لاءِ نيڪ خواهشون رکي ٿو، هن چيو ته مالديپ جي مستقبل لاءِ مان، ترقي ۽ خوشحالي جون خواهشون آهن، هن چيو ته گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، خطي جي ترقي، خوشحالي لاءِ سارڪ کي فعال بڻائڻ ضروري آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڀارت سارڪ منشور، هدفن جي خلاف ڪم ڪيو، مالديپ جو صدر اسلام آباد ۾ سارڪ اجلاس منعقد ڪرڻ جو حامي آهي، پاڪستان امن ۽ استحڪام لاءِ مالديپ جي سهڪار کي ساراهي ٿو، ٻنهي ملڪن جا گڏيل بزنس گروپ جوڙيا ويا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ورڪنگ گروپس جون چار ذيلي ڪميٽيون به ڪم ڪري رهيون آهن، راندين، صحت، تعليم ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ سهڪار جاري آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان مالديپ ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي قيام لاءِ سهڪار ڪندو، ان کان اڳ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران مالديپ جي صدر چيو ته مختلف شعبن ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون، سول سروس، تعليم، سياحت جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو، مالديپ جي صدر چيو ته واپار وڌائڻ لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپس کي فعال بڻايو ويندو، ماحولياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جو عزم رکون ٿا، پاڪستان پراڻو، پائيدار ۽ قابل اعتبار دوست ملڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *