خضدار ويجهو مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، 16 زخمي

خضدار: (م.ڊ) خضدار ويجهو ٿيندڙ روڊ حادثي ۾ 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. رپورٽ موجب خضدار جي تعلقي وڊهه ويجهو مسافر وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 16 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين موجب مسافر وين ڪراچي مان خضدار اچي رهي هئي ته روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي. حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهن ريسڪيو کي اطلاع ڏني جنهن تي زخمين کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فوت ٿي ويلن جا لاش به مرده خاني ۾ منتقل ڪيا ويا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *