خدشو آھي تھ جج راڻا شميم جو بيان حلفي جعلي آھي: اسلام آباد ھاٰ ڪورٽ

ڪراچي (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي جج خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ راڻا شميم، مير شڪيل الرحمان، انصار عباسي ۽ دي نيوز جي ايڊيٽر عامر غوري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي جج رانا شميم جي الزامن تي اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد، چيف ايڊيٽر مير شڪيل الرحمان، دي نيوز جو ايڊيٽر عامر غوري ۽ رپورٽر انصار عباسي پيش ٿيا، عدالتي حڪم باوجود اڳوڻو جج رانا شميم هاءِ ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو، راڻا شميم جو پٽ عدالتي ڪمري ۾ پيش ٿي ڪري وڊيو هلائڻ جي اجازت گهري ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ اطهرمن الله مير شڪيل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته مير شڪيل صاحب توهان کي وڏي دل سان هتي گهرايو آهي، هي عدالت هڪ آزاد ۽ آئيني ادارو آهي، پريس جي آزادي اهم آهي، سوشل ميڊيا ۽ پريس ۾ فرق آهي، چيف جسٽس اطهرمن الله چيو ته عدالت تي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي، هاءِ ڪورٽ بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي عوام جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي، اوهان جي رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ سوال اٿاريا آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته مون کي عدالت جي هر جج تي اعتماد ۽ ڀروسو آهي، جج به احتساب جي قابل آهن ۽ تنقيد به ٿيڻ گهرجي، عوام جو اعتماد کڄي ويو ته بي يقيني پيدا ٿي ويندي، هاءِ ڪورٽ کي سائلين جي لاءِ احتساب جي قابل سمجهان ٿو، چيف جسٽس اطهرمن الله انصار عباسي کي حڪم ڪيو ته پنهنجي اخبار جي خبر جي هيڊ لائن پڙهڻو، جنهن تي انصار عباسي عدالت ۾ پنهنجي خبر جي هيڊ لائن پڙهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آهي جيڪا ڪنهن کان هدايت نه وٺندي آهي، هي حلف نامو ڪنهن عدالتي رڪارڊ جو حصو ئي ناهي، چيف جسٽس انصار عباسي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان راڻا شميم پڇيو ته هن لنڊن مان حلف نامي کي نوٽرائز ڪيو، جنهن تي انصار عباسي عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس ٻه ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، چيف جسٽس چيو ته جنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي ان ڏينهن ۾ مان ملڪ ۾ نه هئس، انصار عباسي صاحب هي ڳالهه رجسٽرار آفيس مان ئي چيڪ ڪري وٺو ها، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيس ٻڌڻي کانپوءِ  درخواسگذار جي وڪيل تاريخ تي اعتراض ڪيو؟ هي ساليانو عدالتي موڪلن جو وقت هو، پر توهان رجسٽرار کان پڇا به نه ڪئي، جڏهن ڪيس مقرر ٿيو ته جسٽس عامر فاروق ۽ مان پاڪستان ۾ نه هئاسين، جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس گل حسن اورنگزيب پاڪستان ۾ هئا، درخواستگذار ۽ سندن وڪيل ڪير هئا؟، جسٽس اطهرمن الله وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪنهن وڪيل دفاع استدعا ڪئي ته اليڪشن کان اڳ ٻڌڻي مقرر ڪئي وڃي، وڪيلن عام چونڊن کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿيڻ تي ڪو به اعتراض نه ڪيو، جڏهن فيصلو ٻڌايو ويو ته ساڳئي ڏينهن فيصلو معطل ڪيو ويو، هن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، رجسٽرار کان معلوم پڇو ته 2 بينچز هڪ سال کان ڪم ڪري رهيا هئا، چيف جسٽس چيو ته مير شڪيل صاحب روسٽرم تي اچو ۽ اسٽوري جي هيڊ لائن پڙهي ٻڌيو، جنهن تي مير شڪيل الرحمان چيو ته مون وٽ عينڪ نه آهي، جنهن تي عدالت صحافي انصار عباسي کي اسٽوري جي هيڊ لائن پڙهڻ جي هدايت ڪئي، جسٽس اطهرمن الله رمارڪس ڏيندي چيو ته هن هاءِ ڪورٽ جي ججن تي تنقيد ضرور ڪيو پر عوام جو اعتماد نه کڻايو، اسان پنهنجو پاڻ کي دفاع نٿا ڪري سگهون، سوشل ميڊيا تي ڪيترائي ڀيرا منهنجي خلاف مهم هلائي وئي آهي، توهان کي ڪير حلفي بيان ڏيندو ته ڇا توهان ان کي پهرين صفحي تي ڇاپيندئو، هي ڪيسز غير جانبدار هوندا، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن عدالت ۾ ڪو چئي سگهي ٿو ته اسان ڪنهن کان آرڊر ورتو آهي، اهو حلفي بيان هن عدالت جي ڪنهن رڪارڊ جو حصو ناهي، جسٽس اطهرمن الله پڇاڻو ڪيو ته اڳوڻي جج بيان حلفي ڪٿي ڏنو؟ هن حلف بيان کي ٻاهر ڇو نوٽرائز ڪيو،؟ توهان انويسٽيگيشن جا ماهر صحافي آهيو، ڇا توهان جاچ ڪئي؟، 16 جولاءِ تي اپيل داخل ڪئي وئي، ڪهڙي بينچ جوڙي وئي؟ جنهن وقت اپيل داخل ڪئي وئي ان وقت مان ۽ جسٽس عامر فاروق ٻاهر هئاسين، چيف جسٽس انصار عباسي کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کان ڪجهه معلوم ڪيو؟ هن ڪيس ۾ سڄي ملڪ جا مشهور وڪيل شامل هئا، ڇا توهان انهن وڪيلن کان ڪجهه پڇيو ته انهن چونڊن کان اڳ تاريخ گهري؟ انهن اهڙو ڪجهه به نه ڪيو ڇو ته هو پروفيشنل ماڻهو آهن، توهان کي خبر آهي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن مون سان لاڳاپيل ڪو ٻيو چيف جسٽس اهڙي ڳالهه ڪري ته جڊيشل ڪائونسل کي لکت ۾ شڪايت موڪليندس، توهان جج جو نالو به خالي ڇڏيو، بار بار اعتراض واريو ويندو آهي ته بينچز ڪوئي ٻيو ٺاهيندو هو، هاءِ ڪورٽ ۾ ماڻهن جو اعتماد تباهه ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ٿيون، جسٽس اطهرمن الله وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن منهنجي سامهون ڪو جج ائين چوي ته مان سپريم جوڊيشل ڪائونسل ويندس، هڪ چيف جسٽس ڪنهن جي سامهون چوي ته ڏوهه ڪيو، پوءِ 3 سالن تائين خاموش رهي، پوءِ پراسرار طور سان حلفي بيان  سامهون اچي ٿو وڃي، اخبار ڪيئين اهڙو بيان حلفي ڇاپيو؟، عدالتي نظام انصاف کي لاڳيتو متاثر ڪيو پيو وڃي، راڻا شميم جي پٽ عدالت کي ٻڌايو ته رانا شميم وڏي ڀاءُ جي فوت ٿيڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو آهي، ان دوران راڻا جي وڪيل راڻا حسن چيو ته والد راڻا شميم سان گڏ فيصل واوڊا کي به نوٽيس ٿيڻ گهرجي، ڇا توهان ڪالهه فيصل واوڊا  جي ڳالهه ٻڌي؟ جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته مان ڪيس کي ٻئي ڪنهن به شئي سان مڪس نه ٿيڻ ڏيندس، توهان الڳ سان درخواست ڏيو، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اٽارني جنرل صاحب غلط ۽ ڪوڙي حلف نامي سان ڪهڙي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟ اٽارني جنرل چيو ته حلفي بيان سڄي هاءِ ڪورٽ کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي، اهو انتهائي سنگين ۽ مجرماڻو معاملو آهي، جسٽس اطهرمن الله چيو ته هڪ سال کان 2 ڊويزن بينچز هئا جن پوري هاءِ ڪورٽ کي هلايو، مون سان گڏ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب هڪ ڏينهن ۾ هو، ٻئي ڏينهن ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس محسن ڪياني شامل هئا، توهان عدالت تي آڱر کنئي، معزز جج جي خلاف اسٽوري ڪئي، توهان ماڻهو هن عدالت جي اعتماد کي تباهه ڪرڻ چاهيو ٿا، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته وڏي اخبار جي فرنٽ پيج تي اسٽوري هئي جنهن سان عوام جو اعتماد کڄي ٿو، اسان تي تنقيد ڪريو پر عدالتن تي عوام جو اعتماد بحال رهڻ ڏيو، انصار عباسي چيو ته حلف نامي جي خبر منهنجي آهي ۽ مان ئي ڪئي آهي، هڪ طرف اڳوڻو چيف جسٽس آف پاڪستان هو ته ٻئي طرف گلگت بلتستان جو اڳوڻو چيف جسٽس هو، جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته نه هي معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان لاڳاپيل هو، انصار عباسي وڌيڪ چيو ته هي خبر منهنجي آهي انهن جو ان سان ڪو به تعلق ناهي، منهنجي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ضرور ڪيو، هن سنگين معاملي جي جاچ به ضرور ٿيڻ گهرجي، چيف جسٽس اطهر من الله عامر غوري کان پڇاڻو ڪيو ته غوري صاحب بطور ايڊيٽر جي حيثيت سان خبر پڙهي هوندي، ڇا توهان هين اجازت ڏني؟، جنهن تي دي نيوز جي ايڊيٽر عامر غوري ٻڌايو ته اسان وٽ هڪ نوٽرائز حلف نامو آيو، ان تي خبر ڏني، جنهن تي چيف جسٽ چيو ته غوري صاحب اهو حلف نامو ڪنهن به عدالتي رڪارڊ جو حصو نه هو، مان سڀني کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري رهيو آهيان، تاثر هي آهي ته هي حلف نامو ڪوڙو ۽ غلط آهي، مان پاڻ کي به سڀني آڏو جوابده سمجهان ٿو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مير شڪيل الرحمان، انصار عباسي، اڳوڻي جج رانا شميم ۽ دي نيوز جي ايڊيٽر عامر غوري کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کي 24 نومبر تائين جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *