خدشو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف افغانستان کي استعمال ڪندو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي خدشو آ ته ڀارت اسان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ افغانستان کي استعمال ڪندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته عوامي رابطن سان گڏيل سهڪار کي هٿي ملندي آهي، افغانستان سان اسان جا رابطا ورهين کان آهن، افغانستان کي هر دور ۾ خطي جي اهميت حاصل رهي آهي، بدقسمتي سان گذريل 40 سالن کان افغانستان ۾ ڏڦيڙ آهي، ان ڏڦيڙ سان وڌ کان وڌ نقصان پاڪستان کي ٿيو، ان ڏڦيڙ ٻنهي ملڪن ۾ غلط فهمين کي جنم ڏنو، اسان پوءِ به ماضي مان سبق نه سکيو. هن چيو ته افغانستان جي ماڻهن کي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻا پوندا، ٻاهريون دٻاءُ افغانستان جي عوام تي راءِ نٿو مڙهي سگهي، پاڪستان افغانستان جي هر حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي ماضي مان نڪري واپار، معيشت ۽ امن ڏانهن وڃڻ گهرجي، حڪومت جي مخلصاڻي ڪوشش آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ واپاري لاڳاپا هجن، سڀ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته افغانستان ۾ امن هجي، افغانستان ۾ امن سان پاڪستان ۽ ٻين علائقن کي فائدو ٿيندو، افغانستان سان واپار کي هٿي لاءِ چيمبر آف ڪامرس کي لاڳاپا وڌائڻ جو چيو ويو آهي، واپار سان خطي ۾ خوشحالي ايندي. وزيراعظم چيو ته اسان ڀارت سان دوستي جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهياسين، اسان کي احساس ٿيو ته ڀارت نظرياتي طور پاڪستان جي خلاف آهي، ڀارت ۾ مودي حڪومت پنهنجي ئي ملڪ جي مسلمانن خلاف آهي، ڀارت ۾ مسلمانن سان جيڪو ورتاءُ ٿي رهيو آهي اهو ڪڏهن ناهي ٿيو، ڀارت سان دوستي جو هٿ وڌائڻ جي ڪوشش وري به ڪنداسين، خدشو آهي ته ڀارت اسان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ افغانستان کي استعمال ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *